حاجي خان مڱڻهار

حاجي خان مڱڻهار: حاجي خان ولد پيرن ڏنو مڱڻهار، 1891ع ڌاري ڳوٺ دوداپور، تعلقي ڳڙهي خيرو، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. دوداپور مان 5 درجا پرائمري پاس ڪيائين. پاڻ سٺو فنڪار ۽ طبلي نواز هو. نوجوانيءَ ۾ ئي فن جي دنيا سان لاڳاپيل رهيو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي مشهور معروف فنڪارن ۽ گلوڪارن سان سنگت ڪيائين، جن ۾: ڀڳت ڪنور رام، ڀڳت سترامداس، استاد امانت علي، سلامت علي، استاد ارباب خان کوسو، استاد منظور علي خان، جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، الهه بچائي، محمد جمن ۽ محمد ابراهيم جھڙا فنڪار شامل رهيا. انهن فنڪارن سان سندس ڪيئي اهم پروگرام ريڊيو، فلمن ۽ ٽي. ويءَ تي رڪارڊ ٿيا. هن ماسٽر چندر، زاهده پروين، شوڪت علي، ناهيد اختر جهڙن معروف ٽي. وي. جي فنڪارن سان به پاڻ موکيو. هن جهوناڳڙهه، اجمير شريف، جوڌپور ۽ بمبئي ريڊيو اسٽيشنن تي به مختلف فنڪارن سان ڪم ڪيو. جيوڻي ٻائيءَ سان بمبئيءَ ۾ 80 ڪلام رڪارڊ ڪرايائين. کيس ڪيترا ڀيرا ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئٽا ٽي. وي تي به گهرايو ويو. لاهور، ملتان، بهاولپور، حيدرآباد ۽ اسلام آباد ريڊيو اسٽيشنن تي به ڪجهه وقت ڪم ڪيائين. پنهنجي زندگيءَ جا تقريباً 70 سال هن فن جي خدمت ۾ گذاريا. 16 سالن تائين ريڊيو ڪوئٽا تي ڪم ڪري رٽائر ٿيو. سندس خدمتن جي مڃتا طور ’سنگم آرٽس اڪيڊمي‘ جيڪب آباد پاران سندس دستاربنديءَ جو هڪ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو ويو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هيءُ مختلف بيمارين ۽ ڪمزوريءَ سبب دوداپور ۾ لاچاريءَ واري حالت ۾ رهيو ۽ 7 نومبر 1998ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو